تاريخ جا اڏيندڙ

تاريخ جا اڏيندڙ

تاريخ جا اڏيندڙ

تاريخ جا اڏيندڙ (ڪتاب):هيءُ ڪتاب محمد بخش سومري جو ترجمو ڪيل آهي، جيڪو سنڌيڪا اڪيڊميءَ پاران 1197ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 580 صفحا آهن ۽ قيمت ٻه سئو روپيا لکيل آهي. ڪتاب ۾ انساني تاريخ جي ڦير گهير، انسان کي غلام بڻائي رکڻ، تاريخ جي ٺهڻ، ڊهڻ ۽ ٻي اهڙيءَ سموري سرگرميءَ سميت تاريخ تي اثر انداز شخصيتن بابت گهڻو مواد هڪ برطانوي ليکڪ جي ڪتاب “Makers of History” تان ورتل آهي. جڏهن ته آمريڪي ليکڪ مائڪل. ايڇ. هارٽ جي ڪتاب “The 100”، جميل احمد خان جي ڪتاب “Hundred Great Muslims” ۽ پروفيسر ايم. شريف جي ڪتاب “History of Muslim Philosophy” تان به ڪجهه مضمون ترجمو ڪري شامل ڪيا ويا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو